خيبرپختونخوا جي ضلعي باجوڙ ۾ ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. ضلعي پوليس آفيسر (ڊي پي او) صمد خان ميڊيا کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته باجوڙ ضلعي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ ويجهو زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ورتو، سيڪيورٽي فورسز ريسڪيو ادارن ذريعي واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت جي تصديق ڪئي. ڌماڪي کانپوءِ پوليس روڊ کي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو، جڏهن ته علائقي ۾ وڏي نفري ۽ ڪمانڊوز مقرر ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڌماڪو ٽائيم ڊيوائس (آئي اي ڊي) ذريعي ڪيو ويو، جنهن بابت سيڪيورٽي اهلڪارن واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close