پاڪستانسنڌ

خيرپور ۽ ڀرپاسي برساتن جا هاڃا، ڪيترائي گهر ڪري پيا، ماڻهو پريشان

خيرپور: خيرپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جا ھاڃا، ڪيترائي گهر ڊهي پيا، ڪيترن ئي گھر جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪري پيون، روڊن تي پاڻي بيٺل، بجلي گم, شهري پريشان. خبر موجب خيرپور ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ برسات سبب ڪيترن ئي گھر جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪري پيون، ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ رجب علي سمنگ، غلام نبي سمنگ، گل بيگ سمنگ، اياز علي، وانڍ محلي ۾ علي گل چانڊيو جو گھر، شيشم ڪالوني ڀائي بنيادي جي گھر جي ٽن ڪمرن جون ڇتيون، رجب پنھيار جي گھر جي ڇت، ميمڻ محلا، ميتلا محلا ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪري پيون، مل ڪالوني خيرپور ۾ اڪبر ناريجو جي برسات سبب جڳھ مڪمل طور ڪري پئي، جڏهن ته سندس گهر وارا معجزاڻي طور محفوظ رھيا، جڏهن ته سٽي اسپتال خيرپور جي چائلڊ وارڊ جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، جنھن سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. جڏهن ته شهر ۾ ٻن ڏينهن کان مسلسل ھلندڙ برسات سبب شاهي بازار، پنجهٽي روڊ، ڏٻر محلا، ٻٽڙو محلا، سوڪ سينٽر، پنجگلا چوڪ، ڇٽي چوڪ اوستاگاهي موڙ، نم موڙ، چانڊيا موڙ، ڳاڙهي پل، ڪچهري روڊ، مال روڊ، اسٽيشن روڊ، نيشنل بينڪ موڙ، لقمان، شيشم ڪالوني سميت سڄي شھر جي روڊن رستن، مسجدن، امام بارگاهن، آفيسن اڳيان گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو آهي، جنهن سبب ماڻهن کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت ڏکايائون پيش اچي رهيون آهن ۽ گھر تائين محدود ٿي ويا آهن، جڏهن ته برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل عملي ڪي به قدم نه کنيا آهن، جنهن سبب نماز ادا ڪندڙ ۽ عام شهري سخت پريشان آهن، جڏهن ته شهرين توڙي دڪاندار پنهنجي مدد پاڻ تحت گهرن ۽ دڪانن اڳيان برسات جو پاڻي نيڪال ڪري رهيا آهن، برسات پوڻ سبب واپڊا سيپڪو نااهلي مظاهرو ڪندي شهر ۽ ڀروارن علائقن ۾ 48 ڪلاڪ کان بجلي بند ڪري ڇڏي، بجلي بند هجڻ سبب سڄو شهر اونداهي لپيٽ ۾ آهي، بجلي بند هجڻ سبب شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو پڻ بحران پيدا ٿي ويو آهي، جنهن ڪري شهري دلا، مٽ، ڪولر کڻي پري پري کان نلڪن تان پاڻي ڀرڻ ۽ پيسن عيوض خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، برسات سبب مواصلات جو نظام به درهم برهم ٿي ويو آهي ۽ شهري انٽرنيٽ خراب هجڻ سبب پوري دنيا کان ڪٽيل آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button