پيروسڻ: پير وسڻ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مسلسل 72 ڪلاڪن کان برسات تباھي مچائي ڇڏي، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا، 600 کان وڌيڪ گھر ڊھي پَٽُ ٿي ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ماڻهو اجهن کان محروم ٿي ويا آهن. تفصيل مطابق پيروسڻ سميت کرڙاھه، ٽنڊو ميرعلي، بخش علي جمالي، ڪورڪي، جعفر خان جلالاڻي، مُحمد شاهھ، سيري، ستيارو، ڪڻڇي، ملڪ چودڳي، گل شاهھ، حبيب وانڍ، پير بخش جلالاڻي، عطا محمد لاشاري، مکڻ خان، سجاول فقير، خير محمد جمالي، رسول بخش جمالي، ڪرم خان، باقي خان، خدا بخش نوراڻي، بلوچ خان زرداري، فيض محمد موجائي، ميوو منڱريو، مٺو چانڊيو، پنجل شر، مٺل بڙدي، پيرل بڙدي، باغ بچراهھ ۽ ٻين مختلف ڳوٺن ۾ 600 کان وڌيڪ گھر ڊھي پَٽُ ٿي ويا ۽ غريباڻا اجھا برساتي پاڻي ۾ لُڙھي ويا جنھن سبب متاثر کليل آسمان ھيٺان ويھڻ تي مجبور بڻجي ويا پر انتظاميا عوام جي مدد لاءِ ڪي اُپاءُ نہ ورتا. ٻئي طرف پوکيل فصل بہ مڪمل طور پاڻي ھيٺ اچي ويا ۽ آبادگار توڙي ھاري پنھنجي فصلن کي پنھنجي سان اکين سان بيوسي مان لڙھندو ڏسڻ جي مجبور بڻيل رھيا، انتظاميا جي اھڙي لاپرواھي جي مختلف ڳوٺن جي متاثرن عبدالرحمٰن جمالي، يونس جمالي، عيسيٰ بنگلاڻي، محراب جمالي، رمنضان مل مارواڙي، اوشاق لاشاري، ڪوڙو خان شر، خميسو مل مارواڙي ۽ ٻين دانھيندي چيو تہ اسان مسلسل برسات وسڻ تي ٻڏي رھيا آھيون ۽ اسانجي ڳوٺن کان شھرن طرف ويندڙ رستا بند ٿي ويا آھن ۽ اسانجا اجھا ڊھي پَٽُ ٿي ويا آھن، اسان جي فصلن ۾ پاڻي بيھي ويو آھي پرر انتظاميا اسانجي ڪابہ مدد ناھي ڪئي ۽ ھنن گھر ڪئي ته فوري طور اسانجي مدد ڪئي وڃي، جڏھن تہ مسلسل برسات سبب مواصلاتي نظام بہ درھم برھم بڻيل آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close