اٽلي ۽ آسٽريا سميت مختلف يورپي ملڪن ۾ پڻ برساتن ۽ طوفان تباهي مچائي ڇڏي آهي، جتي مختلف واقعن سبب ٽن ٻارن سميت 13 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن مطابق مينهن جي تيز وسڪاري يورپ جي وچئين ۽ ڏاکڻن علائقن کي لپيٽ ۾ آندو آهي، جتي تيز هوائن سبب وڻ اکڙي تباهه ٿي ويا آهن. اٽلي ۽ آسٽريا ۾ وڻ ڪِرڻ سبب سڀ کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن، جڏهن ته تيز برسات ۽ تيز هوائن سبب وينس شهر جي ڪلاڪ ٽاور کي به نقصان پهتو. مقامي انتظاميا موجب طوفان ۾ هوائن جي رفتار 224 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هئي، جنهن سبب موبائيل گهر پڻ ڊهي پٽ ٿي ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close