حيدرآباد (سنڌ ايڪسپريس رپورٽ)سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن ڪيترائي گهر ُاُجاڙي ڇڏيا، گهرن جون ڇِتيون ۽ ڀتيون ڊهڻ جي نتيجي ۾ ٻارن ۽ عورتن سوڌو 25 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. جڏهن ته سوين ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪالهه چوٿين ڏينهن به لاڳيتو مينهن پيو، ان دوران مختلف واقعن ۾ هڪ اهلڪار ۽ معصوم ٻارڙن سميت لڳ ڀڳ 25 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺَا آهن. لاڙڪاڻي ويجهو رشيد وڳڻ جي ڳوٺ طالباڻي جت جي رهواسي سڪي لڌو ميرجت جي گهر جي ڇت ڪري پئي، نتيجي ۾ 6 ورهين جي امبرين ۽ 5 ورهين جو ڀاءُ فراز پٽ سڪي لڌو مير جت دٻجي ويا، جن کي وارثن ڪڍرائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ عورتن سميت 3 گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا.باقراڻي جي ڳوٺ سيد بچل شاهه ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 60 ورهين جي پيرسن حاڪم علي شاهه ملبي ۾ دٻجي فوت ٿي ويو. ڳوٺ محمد واهڻ ۾ ڳوٺاڻي علي گل سنديلو ۽ غلام سرور سنديلو جي گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن ۾ ڳوٺاڻو غلام سرور سنديلو، علي گل سنديلو ۽ سندس گهر ڀاتي زخمي ٿيا. وارهه ويجهو ڳوٺ دلمراد کوسي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 35 ورهين جو اڪبر کوسو، 27 ورهين جو رياض کوسو، 22 ورهين جو ضمير حسين کوسو، 28 ورهين جي سڪينا خاتون کوسو زخمي ٿي پيا. سجاول جوڻيجو ويجهو ڳوٺ فقير محمد بروھي ۾ ڳوٺاڻي نور محمد بروھي جو گهر ڪرڻ سبب 3 ورهين جي معصوم نينگري جنت بروھي فوت ٿي وئي. جڏهن ته عبداللطيف بروھي سميت 4 عورتون سخت زخمي ٿي پيون. جن کي علاج لا لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو ميهڙ شھر سميت تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ گهرن جون ڇتون ڪرڻ وارن واقعن ۾ ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا فوت، 50 کان وڌيڪ مرد, عورتون ۽ ٻارڙن زخمي ٿي پيا، فوت ٿيلن ۾ ڳوٺ سوجهرو ڳورڙ واسي اسلم ڳورڙ، دلبر ڳورڙ ۽ سڀائي ڳورڙ، ڳوٺ صديق جويو واسي مظفر جويو ۽ شھر جي شھباز ڪالوني جي رهواسي سياڻي چانڊيو شامل آھن. جڏھن ته زخمين ۾ ڳوٺ قاضي عارف واسي محمد صالح ملاح, ڳوٺ گاهي خان جانوري واسي صابر ۽ پرويز جانوري، ڳوٺ جاني چانڊيو ۽ ڳوٺ چاڪر چانڊيو واسي دعا چانڊيو، گلان خاتون، گلشير ۽ شوڪت چانڊيو ڳوٺ ڳوٺ سوجهرو ڳورڙ واسي مائي جندو، ردا، صائما، سعديا،ڪلثوم جوڻيجو، رشيدا، محراب، سبحان، ندا، ثاقب، وزيران، دعا، عادل، سهيل، شعيب، سعيد شبيران خاتون شامل آھن. دادو شهر جي مختلف علائقن محمد شاهه ڪالوني ۾ ڏنل شاهه جو گهر ڪري پيو جنهن ۾ سندس گهر واري ماروي شاهه زخمي ٿي پئي، شهر جي سڪندر آباد محلا ۾ رستم منگي، شهزاد سولنگي، حميد سولنگي، وحيد سولنگي، محبوب سولنگي، علي گوهر ڇڇر، پٺاڻ سولنگي، پپو ميراڻي جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. جڏهن ته نيو سبزي منڊي واري علائقي ۾ مختيار سومرو جو گهر ڊهي پٽ بڻجي ويو آهي، پير بخش سولنگي محلا ۾ بيواهه عورت آست سومرو، الياس سولنگي جا گهر ڊهي پيا. گمبٽ جي درگاهھ ريجهه علي شاهه وٽ ڊيوٽي دوران زبون بڻيل لانڍي مٿان ڪرڻ سبب پوليس اهلڪار نذير علي ڀٽي ھيٺان اچي فوت ٿي ويو. شهيد پوليس اهلڪار لانڍي مان پاڻي کڻڻ ويو ته اوچتو لانڍي ڌماڪي سان ڪري پئي. اطلاع تي پوليس پهچي اهلڪار جو مڙھه گمس اسپتال کڻائي آئي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ٽنڊوالهيار ۾ 2 ٻارڙا برسات جي پاڻي ۾ راند ڪندي ٻڏي فوت ٿي ويا، نصرپور ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پيرسن دٻجي دم ڏئي ڇڏيو. ٽنڊوالهيار جي مير شاهه محمد ڪالوني ۾ 2 ٻار 12 ورهين جو حذيفه ولد اختر ڪشميري ۽ 10 ورهين جو انس ولد اشرف ڪشميري برسات جي پاڻي ۾ راند ڪري رهيا هئا ته ٻڏي فوت ٿي ويا. اطلاع تي وارثن پهچي کين ٻاهر ڪڍيو ۽ سول اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. رابطو ڪرڻ تي وارثن ٻڌايو ته 5 ٻارڙا راند ڪرڻ ويا هئا، اطلاع ملڻ تي فورن پهچي 3 ٻارن کي بچائي ورتو. ٻئي پاسي نصرپور ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن سبب 60 ورهين جو شوڪت علي دٻجي فوت ٿي ويو ۽ سندس پٽ نور محمد زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو. عثمان شاهھ ھڙي سميت تعلقي جهنڊو مري سمورن يوسيز ٽنڊو سومرو، ڊاسوڙي، هنگوراڻي، ميرآباد، ميل موري ۽ شاھپور رضوي سمورن علائقي چوٿين ڏينهن کان لاڳيتو برسات برسات جو وسڪارو جاري رهيو. ٻئي پاسي ڳوٺ ڀورل شاھه ۾ ڪامران لاشاري جي گهر جي ڀت ڪرڻ سان سندس 2 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا. نوابشاهھ ۾ ڄام صاحب روڊ تي واقع گھر جي ڇت ڪرڻ سبب پورھيت ممتاز ڀٽي فوت ٿي ويو. رتوديرو سول اسپتال جي ڇت ڪرڻ سبب اسپتال جو ملازم مالهي ساجد حسين ميمڻ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو آهي. سانگهڙ ويجهو ڳوٺ نظر علي نظاماڻي ۾ برساتي پاڻي جي وهڪري ۾ 20 ورهين جو نوجوان شھباز علي پٽ غلام رسول خاصخيلي ٻڏي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ڳوٺاڻن ٻاهر ڪڍي ويجهي اسڪول ۾ منتقل ڪيو، اطلاع باوجود انتظاميا جو ڪو عملدار نه پهتو. نوشهروفيروز ۾ مينھن سبب پيرن واري مسجد جو گنبذ مسجد ۾ ستل کٿابين جي مٿان ڪري پيو،نتيجي ۾ 10 کٿابي دٻجي زخمي ٿي پيا، شھرين پنھنجي مدد پاڻ تحت کٿابين کي ملبي مان ڪڍي سول اسپتال نوشهروفيروز پھچايو. نوشهروفيروز جي خليفا پاڙي ۾ برسات سبب شھري جميل ميمڻ جي گھر جو اولو ڌماڪي سان اڱڻ تي ڪريو، اولي ڪرڻ سبب گھر ڌڻي جي 17 سالا نياڻي دٻجي فوت ٿي وئي. ڪنب ۽ ڀرپاسي جي علائقن ٽالپر وڏا ٻٻروڏا جسڪاڻي ننگريجا ۽ ٻين هنڌن تي ٻن ڏينهن کان هلندڙ برسات ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. برسات سبب ڪنب ڀرسان شيخ برادري جو گهر ڪري پيو، گهر مان سامان ڪڍڻ دوران ٻه نينگر 14 سالا جميل ولد نصير شيخ ۽ 8 سالا محمد خان ولد فريد شيخ برساتي پاڻي سان ڀريل کڏي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا ٻئي طرف نوجوان محمد اسحاق ولد ارباب ڪلادي گهر هيٺان دٻجي زخمي ٿي پيو. ٽنڊو محمد خان شهر جي ڀرسان برساتي پاڻي جي کڏ ۾ ڪرڻ سبب 12 ورهين جي نينگري ستارا ڌيءَ شير محمد رند ٻڏي فوت ٿي وئي.نئون دمبالو ۾ برساتي ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي ڳوٺ ارجڻ ڀڳت ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ڪيشو ولد نانجي ڪولهي فوت ٿي ويو، شھر جي ڪيترن ئي گهرن اندر برساتي پاڻي داخل ٿي ويو. قاضي احمد لڳ ڳوٺ مير محمد جوڻو ۾ 8 ورهين جي نينگري شاھدا ڪنڀر گهر جي ڇت ڪري پوڻ سبب دٻجي فوت ٿي وئي. جڏھن ته 2 معصوم ٻار شمائلا ڪنڀر ۽ رشيدان ڪنڀر زخمي ٿي پيون. ٻئي واقعي ۾ قاضي احمد شهر جي رھائشي علائقي خان صاحب ڪالوني ۾ گهر جي ديوار ڪري پوڻ سبب 15 ورهين جو عبدالله پنجابي دٻجي فوت ٿي ويو. جڏھن ته هڪ ڄڻو مزمل پٺاڻ زخمي ٿي پيو. سڪرنڊ ۾ مسلسل 24 ڪلاڪ برسات پوڻ ڪري ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ در محمد ڪيريو، سائين بخش لاکو، لالو ڏهيو، غلام قادر سولنگي، جان محمد ڪيريو ۽ ٻين جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. ڪڪڙ ۾ جوڳي محلا ۾ ڪچي گهر جي ديوار ڌماڪي سان ڊهي پئي، جنهن سبب ديوار ڀرسان ويٺل 55 سالن جو پورهيت انور جوڳي دٻجي فوت ٿي ويو. ٿرڙي محبت ‘ڳوٺ سوجهرو ڳورڙ۾ مال جو وٿاڻ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو اسلم ڳورڙ پٽ الهڏنو فوت ٿي ويو. ڳوٺ مٺو ماڇي ۾ سڄڻ سولنگي’ شهمير جوڻيجو’ عاشق عرف ماموسولنگي’ گوپانگ ۾ محلي ۾ افضل گنبول’ غني جوڻيجو’ جاويد سولنگي ‘ حبيب الله سولنگي ‘ سميجه محلي ۾ الله رکيو سميجو ‘ نورمحمد سميجو’ ڳوٺ منڱي جا ڀاڻ ۾ انورگوگاڻي’ مختيارگوگاڻي’ پياروجوڻيجو’ وحيد جوڻيجو’نورل جوڻيجو’ طالب جوڻيجو’ مکڻوجوڻيجو ۽ ٻين جا گهر برسات سبب ڊهي پٽ پئجي ويا. جڏهن ته سرهاڙي ويجهو نواز ڏاھري جي ڳوٺ سائين بخش ليکي ۾ برسات دوران اوچتو ڀت ڪرڻ سبب گھرڌڻي محمد بخش عرف ڏاڏو ليکي سميت معصوم ٻار ۽ سندس گھرواري سخت زخمي ٿي پئي، جن کي اسپتال نيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close