پاڪستانسنڌ

ڏهرڪي ۾ مهانگائي خلاف نواز ليگ ڪارڪنن روڊن تي نڪري آيون

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف (ن) ليگ جون عورتون روڊن تي نڪري آيون. ان ڏس ۾ ڏهرڪي ۾ مسلم ليگ (ن) ضلع گهوٽڪي عورت ونگ اڳواڻ هير علوي، ڪائنات بلوچ، ڪرن اعواڻ، سيما چانڊيو، نجمه سومرو ۽ ٻين ڏهرڪي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آھي، سليڪٽيڊ وزيراعظم کي هاڻي گهر وڃڻ گهرجي، اسان کي نئون پاڪستان نه پر پراڻو پاڪستان گهرجي، نئين پاڪستان وارو مزدور طبقو فاقاڪشي تي مجبور آھي، وزير اعظم جا ڪيل واعدا سڀ ٺلها واعدا هئا، وزيراعظم عمران خان جن کي چور وزيراعظم سڏيندو هو، پر انهن عوام سان ڪڏهن به ايڏو ناحق نه ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button