پاڪستانسنڌ

نوشهروفيروز ۾ بدامني خلاف ريلي، ٽائرن کي باهيون

نوشهروفيروز ضلعي اندر وڌندڙ بدامني خلاف شهرين ۽ دڪاندارن خالد عباسي، وزير علي وڳڻ، وحيد علي سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، جيڪا شهر جي مختلف روڊ رستن تان ٿيندي الله واري چوڪ تي پهتي، جتي شهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي هنن چيو ته شهر ۾ پوليس جي لاپرواهي جي ڪري چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن، پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، ڪالهه به مٺياڻي روڊ تي واقع عبدالمجيد سولنگي جي دڪان مان چور لکين جو سامان ۽ روڪ رقم کڻي ويا آهن. هنن چتا ڏيندي چيو ته بدامني تي ضابطو نه آيو ته ايس ايس پي آفيس جو گهيراءُ ڪري شٽربند هڙتال ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button