پاڪستانسنڌ

سامارو ۽ ڀرپاسي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، ٻوڏ جهڙي صورتحال برقرار

سامارو: سامارو شھر جي علائقن سميت تعلقي جي اٺن يوسين ۾ برساتي ٻوڏ کي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود به تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن سنڌسرڪار طرفان سامارو شھر وارڊ ون ۽ ٽو شھر جي ڀرواري ديھه 325 جا ڳوٺ جن ۾ پير ڪالوني، مڱڻھار پاڙو، ورجانگ ميگھواڙ پاڙو، مالھي ڪالوني، پريمون ميگھواڙ، رمضان شيدي، ڪنڀر پاڙو ڀوڄو مل مالھي ۽ ٻين پاڙن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. جڏھن ته تعلقي جي 8 يوسين جي سوين ڳوٺن اسلم شاھاڻي، عالم ڪپري، کاروڙو خاصخيلي، علي محمد ڪالرو، محمد رحيم ڪالرو، آراڙو ڀرڳڙي، مجنون خاصخيلي، پڌريو فارم، چيما فارم، حاجي رمضان ڪالرو، بشير نقرچ، فيض محمد نقرچ، عليم ڏاھري، سليمان خاصخيلي، ميھار دل ۽ ٻين سوين ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل سڙي رهيو آهي، پر انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لا ڪي به اپا نه ورتا آهن. ٻئي پاسي يوسي ستڙيون جي ھيرل واري علائقن ۾ ديرو ستڙيون ڀرسان سم نالي کي لڳل 50 فوٽن جو گھارو 36 ڪلاڪ گذرڻ باوجود به ٻڌجي نه سگھيو آهي، جنهن سبب ڳوٺاڻن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي. گھاري سبب يوسي ستڙيون جون ڪافي ديھون جن ۾ 13،14،15،16،17 ابراھيم شاھه ڀڙي ڀرپاسي جا ڳوٺ ھاشم ھاليپوٽو، غلام نبي شاھه، صديق جھنجھي، اسماعيل نھڙي، ڪمال نھڙي، الھڏنو نھڙي ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ وڏي پاڻي ھيٺ آھن، جنهن سبب متاثر ڳوٺاڻا مٿانھين وارن علائقن ڏانھن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. جڏهن ته سامارو شهر ڀرسان ديهھ 207 جي ڍوري وٽان امڪاني ٻوڏ جي خطرن سبب ديهھ جي ڀروارن ڳوٺن کي اڳواٽ دفاعي وڏي ڪڙھه ڏياري وئي ھئي، جنھن کي ڪالھه رات دير سان يوگل فارم جي زميندارن جي عملي ٽوڙي 40 فوٽن جو ڪٽ ھڻي سوين ايڪڙن جو زميني پاڻي ڍوري ۾ ڇنڊائي ڇڏيو، ڍوري پلٽي ٿيڻ سبب ڳوٺ کاروڙو خاصخيلي، ڊاڪٽر ڪاشف عزيز، خالد مجيد آرائين، شيدي ڳوٺ، اميد علي خاصخيلي ۽ ٻيا ڳوٺن پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن. ان حوالي سان ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود سوين ڳوٺن ۽ شهر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب ڪيترائي رهواسي لڏپلاڻ ڪري روڊ رستن ۽ اسڪولن ۾ بي يارومددگار ويٺل آهن، حڪومت جي اعلان باوجود رليف ڪئمپون قائم نه ڪيون ويون آهن. ٻي طرف صوبائي وزير ھيوي رين فوڪل پرسن سيد سردار علي شاھه ضلعي ۽ تعلقي انتظاميا عملدارن کي ساڻ ڪري سامارو تعلقي جي برسات متاثر علائقن سامارو شھر ۽ تعلقا اسپتال جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لا مٺڙائو ڪئنال جي 65 ريگيوليٽر وٽان دورو ڪري اي سي سامارو ۽ ڊي سي عمرڪوٽ، پبلڪ ھيلٿ کاتي، آبپاشي عملدارن ۽ ٻين ادارن جي عملدارن کان تفصيل ورتا. سيد سردار علي شاھه ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڻي جي قدرتي لنگهن تي قبضا آهن، جيستائين اهي ختم نه ٿيندا تيستائين نوابشاهه، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص مان ايندڙ برساتي پاڻي ٻوڙيندو رهندو، پراڻن وهڪرن جي بحالي لا پي ٽي آ حڪومت کان فنڊ گهريا پر انهن نه ڏنا، هاڻي وزيراعظم شهباز شريف کي پراڻن وهڪرن جي بحالي لا خط لکيو آهي، جئين فنڊ مليا ته ھاڪڙو، ڍورو، شڪور ڍنڍ ۽ رڻ ڪڇ کان سمنڊ تائين پاڻي نيڪال جو نظام بحال ڪيو ويندو. ھن وڌيڪ چيو ته سامارو شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۽ ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال لاءِ جلد ھيوي مشينون ۽ بجلي جا ٽرانسفارمر لڳايا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button