پاڪستانسنڌ

شهدادپور ويجهو ايل بي او ڊي کي گهارو، 3 ڳوٺ ۽ وونئڻ پاڻي هيٺ

شھدادپور: شھدادپور ويجهو ايل بي او ڊي کي 30 فوٽ گهارو لڳي ويو، جنهن سبب پاڻي 3 ڳوٺن ۽ وونئڻ جي فصل کي ٻوڙي ڇڏيو. رپورٽ موجب شهدادپور ويجهو ٻرهوڻ لڳ ايل بي او ڊي جي سب ڊرين کي پاڻي جي دٻا سبب اٿلي پوڻ سبب گهارو پئجي ويو، جيڪو 30 فوٽن کان وڌي ويو. گهاري سبب ڳوٺ نور محمد سنجراڻي، گهرام ڀاڻوجو ۽ اڪيو ڀيل مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن سبب رهواسي پنهنجا اباڻا اجها خالي ڪري محفوظ ھنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويا. گهاري سبب سئو ايڪڙن تي بيٺل وونئڻ پاڻي هيٺ اچي ويو. ٻئي طرف ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت مشينري طلب ڪري ڳوٺن کي حفاظتي بند ڏيارڻ شروع ڪري ايل بي او ڊي جا بند مضبوط ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو. ان ڏس ۾ متاثرن عبدالحق، سعيد خان ۽ فقير اميد علي اختيارين کان گهر ڪئي ته ٻرهوڻ جي تباھڪاري جو نوٽيس وٺي واهر ڪري ڳوٺن مان پاڻي نيڪال جو جوڳو بندوبست ڪري ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button