پاڪستان

وزيراعظم دڪاندارن کان بجلي بلن ذريعي فڪس ٽئڪس وصولي معطل ڪري ڇڏي

وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ دڪاندارن کان بجلي جي بلن ذريعي فڪس ٽئڪس جي وصولي معطل ڪري ڇڏي، جڏهن ته فڪسڊ سيلز ٽيڪس کي طئي ٿيل شرح کان وڌيڪ لاڳو ڪرڻ تي جاچ جو حڪم پڻ ڏنو آهي، ٽيڪس وصولي لاءِ نئون لائحه عمل جوڙڻ ۽ دڪاندارن کان بجلي جي بلن ذريعي وصولي تي ڪو به فيصلو ڪرڻ وقت واپارين جي نمائندن کي صلاح مشوري ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ لاهور ۾ بجلي جي اگهن ۽ بلن ذريعي فڪسڊ سيلز ٽيڪس وصولي تي جائزي لا اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف بجلي بلن ذريعي فڪسڊ سيلز ٽيڪس جي وصولي کي فوري طور تي معطل ڪري نئون لائحه عمل جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم بجلي جي بلن ذريعي دڪاندارن تي فڪسڊ سيلز ٽيڪس کي متفقه شرح کان وڌيڪ لاڳو ڪرڻ تي انڪوائري جو حڪم پڻ ڏنو. وزيراعظم خاص هدايت ڪئي ته دڪاندارن کان بجلي جي بلن ذريعي ٽيڪس وصولي تي ڪو به فيصلو ڪرڻ وقت واپارين جي نمائندن کي مشاورت ۾ شامل ڪيو وڃي، جڏهن ته سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ عملدارن کي فوري طور تي غريب طبقي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ لاٿ جو موثر طريقيڪار جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته حڪومت غريب طبقي جي مالي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ايف بي آر چيئرمين، توانائي، ناڻي ۽ پيٽروليم وارن وفاقي سيڪريٽرين کانسواءِ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button