پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ گهر جي ڇت تان ڪرڻ سبب ڊاڪٽر فوت

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ گهر جي ڇت تان ڪرڻ سبب ڊاڪٽر فوت ٿي ويو. ٽائون ٿاڻي جي حد جوهر ڪالوني جو رهواسي ڊاڪٽر اختر گهر جي ٽئين ماڙ تان پير ترڪڻ سبب هيٺ ڪري پيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ وارث سول اسپتال کڻائي پهتا، جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجود نه هو، ملازمن شروعاتي طبي امداد ڏني، اڌ ڪلاڪ بعد ڊيوٽي ڊاڪٽر پهتو، جنهن زخمي ڊاڪٽر اختر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته زخمي ڊاڪٽر اختر حيدرآباد ويندي ٽنڊو ڄام ويجهو فوت ٿي ويو، جنھن بعد وارث فوتي ڊاڪٽر جو لاش کڻائي گھر پھتا لاش گھر پهچڻ تي گهر ۾ڪھرام مچي ويو. علائقي ۾ پڻ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button