
ننگرپارڪر: ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ سوناڻي ۾ 13 سالن جي نينگر پارو ولد هرسينگھه ڪولهي ڦاھو کائي ڇڏيو. واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس صحافين کي ٻڌايو ته نينگر جو دماغي توازن درست نه هو، ان ڪري هن خودڪشي ڪئي، وڌيڪ جاچ جاري آھي.