پاڪستان

اسان کي پنهنجي وسيلن جي اندر رهڻو پوندو:مفتاح اسماعيل

ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته بين الاقوامي ذميوارين کي پورو ڪرڻ لا لگزري شين جي امپورٽ تان پابندي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان کي پنهنجي وسيلن جي اندر رهڻو پوندو. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته بندرگاهن تي ڦاٿل سامان تي ڪاٿو لڳايل قيمت کان 100 سيڪڙو تائين ڏنڊ لڳندو ۽ اتي ڦاٿل سامان کي ڏنڊ جي سرچارج جي ادائيگي تي ڪڍيو ويندو، اسان تمام جلد نئين ريگوليٽري ڊيوٽي اگهن سان ٽيرف پاليسي بورڊ جو اعلان ڪنداسين، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته مٽا سٽا وارو محدود نانو ضروري شين تي خرچ ڪيو وڃي. مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته اسان اهو يقيني بڻائينداسين ته اهي شيون نه گهرايون جن تي اسان پابندي لڳائي چڪا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button