پاڪستان

عمران خان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان فيصل آباد مان ضمني چونڊ لا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ وارو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 108 تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل ۾ بيرسٽر علي ظفر ذريعي اپيل داخل ڪئي ڇڏي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ رٽرننگ آفيسر (آر او) کي ڌر بڻايو ويو آهي. عمران خان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته رٽرننگ آفيسر حقيقتن باوجود نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا، اسان سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا. اليڪشن ٽربيونل کان درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته رٽرننگ آفيسر طرفان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي اين اي 108 تان چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button