پاڪستانسنڌ

جوهي ڀرسان ايم اين وي ڊرين کي 20 فوٽ گهارو

جوهي: جوهي ايم اين وي ڊرين کي ڪمال خان موري ڀرسان ڳوٺ ڇپر خان جمالي سامهون 20 فوٽ گهارو پئجي ويو آھي. ايم اين وي ڊرين کي گهاري جي اطلاع باوجود انتظاميا نه پهتي، جنهن بعد يونين ڪائونسل ساوڙو ۽ ڪمال خان جي ڳوٺن ڇپر خان جمالي، گل محمد رودناڻي، ڳوٺ عبدالعزيز سولنگي، ڳوٺ بابو چنا، ڳوٺ صاحب خان سولنگي، ڳوٺ ڏنگڙي، ڳوٺ بڪڪ خان رودناڻي، عارب جمالي ۽ حاجي ڀلارو سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو. ٻي پاسي ايم اين وي ڊرين کي گهارو پوڻ جي اطلاع تي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي. مقامي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته منڇر ۾ پاڻي جو دٻا گهٽائڻ لا گهارو هٿ سان هڻايو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button