پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت هر صورت ۾ متاثرن جي نقصان جو ازالو ڪندي: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد: رين ايمرجنسي حيدرآباد جو نگران ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ ڪالهه ڊپٽي ڪشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو سان گڏجي تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي جو دورو ڪيو، جتي برساتن سبب ڳوٺ عثمان شاهه ۽ جهنڊو کوسو ۾ تباهه ٿيل گهرن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي صوبائي وزير ماڻهن کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت طرفان هر صورت ۾ سندن نقصانن جو ازالو ڪيو ويندو. هن، لاڳاپيل عملدارن کي برسات متاثر علائقن جي ماڻهن کي فوري طور تي کاڌ خوراڪ مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صوبائي وزير لاڳاپيل انتظامياکي ڳوٺ حمزه زئور جي برسات متاثرن کي عارضي طور تي متبادل جڳهن ۾ منتقل ڪرڻ سميت کين گهربل سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. صوبائي وزير، آبپاشي کاتي جي عملدارن کي تعلقي ٻهراڙي جي هوسڙي شاخ جي بندن کي مضبوط ڪرڻ جي هدايت ڪئي. بعد ۾ صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ تعلقي لطيف آباد پهتو. جتي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو کان علاوه ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا. صوبائي وزير مختلف علائقن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪالي ۽ بوليوارڊ مال لڳ برساتي نالي تي حددخلين جي خاتمي واري ڪم جو جائزو ورتو ۽ مالڪن کي هدايت ڪئي ته حددخلين جي خاتمي تي ٿيندڙ خرچ اهي ادا ڪندا ۽ اهي اڄ ئي پاڻمرادو پنهنجي حددخلين کي ختم ڪرڻ کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته لطيف آباد مان برساتي پاڻي جي نيڪالي نه ٿيڻ جو هڪ اهم ڪارڻ حددخليون پڻ آهن، جنهن لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي گهرجي ته اهي پلاننگ کانپوءِ ئي ڪنهن به نقشي جي منظوري ڏين ته جيئن ان قسم جا مسئلا پيش نه اچن. بعد ۾ صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ لطيف آباد جي سائيٽ ايريا ۾ قائم مختلف شاپنگ مالز ۽ عمارتن سبب بند ڪيل برساتي نالي تي حددخلين جي حوالي سان ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته اسين ڪنهن جو به ڪاروبار ختم نٿا ڪرڻ چاهيون، مالڪن کي چيو آهي ته هو اڄ ئي حددخلين جو پاڻمرادو خاتمو ڪن ته جيئن لطيف آباد مان برساتي پاڻي جي نيڪالي آساني سان ممڪن ٿي سگهي. هن ٻڌايو ته سائيٽ ايريا ۾ ڄاڻايل مالز ۽ تعمير ڪيل عمارتون صنعتن جي زمين آهي، جنهن کي ڪمرشل ڪيو ويو آهي، جنهن خلاف سنڌ حڪومت پاران ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويو هو. هن چيو ته لطيف آباد نمبر 12 ۾ برساتي پاڻي جي بيهڻ جو اهم ڪارڻ قائم برساتي نالي ۾ رڪاوٽ آهي. هن چيو ته اسان کي اهي سمورا مسئلا حل ڪري نظام کي صحيح ڪرڻو آهي. هڪ سوال تي صوبائي وزير چيو ته حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي صورتحال تمام خراب آهي، جنهن لاءِ تڪڙا قدم کڻي رهيا آهيون، جڏهن ته تعلقي ٻهراڙي ۾ ماڻهن جا زرعي فصل مڪمل طور پاڻي هيٺ آهن ۽ سوين گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، هن وقت اسان جي ترجيح حيدرآباد جي شهري علائقن سان گڏوگڏ ٻهراڙي پڻ آهي، جڏهن ته برسات متاثرن کي ڪيمپن ۽ اسڪولن ۾ ترسايو پيو وڃي ۽ کين کاڌ خوراڪ سميت ٻيون گهربل ضرورتون پڻ مهيا ڪيون پيون وڃن ۽ برسات متاثرن جا انگ اکر جمع ڪيا پيا وڃن ته جيئن برسات متاثرن لاءِ سنڌ جي وڏي وزير پاران اعلانيل مالي امداد به کين ملي سگهي. هڪ سوال تي هن چيو ته تازين زوردار برساتن جي ڪري ٿيندڙ نقصانن کي نظر ۾ رکندي حيدرآباد کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سميت سنڌ ڪابينا جا سمورا ميمبر هن وقت فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ تمام جلد مستقل بنيادن تي حيدرآباد جي مسئلن جو حل ڪڍيو ويندو. هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو سان گڏ صبح کان وٺي حيدرآباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪري برساتي صورتحال جو جائزو ورتو آهي ۽ آئون ذاتي طور تي برساتي پاڻي جي نيڪالي وارن ڪمن جي نگراني ڪري رهيو آهيان، تمام جلد سمورن علائقن مان برساتي پاڻي جي نيڪالي مڪمل ٿي ويندي، جڏهن ته ايڇ ايم سي کي هڪ هفتي لاءِ رضاڪار مقرر ڪرڻ جو چيو ويو آهي ته جيئن پوري شهر جي صفائي سٿرائي جي ڪم کي بهتر طريقي سان ڪري سگهجي. ڪراچي جي انفرااسٽرڪچر جي بحالي جي حوالي سان هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران تازين برساتن کانپوءِ ترقياتي ڪمن لاءِ ڪروڙين رپيا جاري ڪيا ويا آهن ۽ سنڌ جي وڏي وزير جو واضح حڪم آهي ته سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ فنڊن جي ضرورت پئي ته ان کي فوري طور تي فنڊز فراهم ڪيا ويندا. سنڌ حڪومت بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي، جيڪو سندس فرض آهي ۽ اسان ڪنهن تي ڪو احسان نه ڪري رهيا آهيون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته متحده اسان جي اتحادي پارٽي آهي، شام تائين خبر پئجي ويندي ته ڪير کٽيندو، تمام جلد عمران کي ڪوڙ ڳالهائڻ تي آسڪر ايوارڊ سان نوازيو ويندو. هن چيو ته عمران خان تي معمولي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، عمران ملڪي ادارن خلاف سازشون ڪري رهيو آهي جهڙي طرح هن هڪ عورت جج ۽ ٻين عملدارن کي ڌمڪيون ڏنيون آهن ان لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان کي پاڻمرادو نوٽيس وٺي سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي اپيل ڪيان ٿو ۽ ماضي ۾ جهڙي طرح ٻين سياسي اڳواڻن کي سزائون ملنديون رهيون آهن اهڙي طرح هن شخص کي به سخت کان سخت سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان نه رڳو ملڪي ادارن بلڪه سڄي پاڪستان خلاف سازش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته نيازي پاڪستان جو بال ٺاڪري بڻجڻ چاهي ٿو پر ائين ٿيڻ نه ڏينداسين. بلدياتي چونڊن جي ملتوي ٿيڻ بابت سوال تي هن چيو ته اهو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي، بعد ۾ صوبائي وزير تعلقي لطيف آباد ۽ تعلقي قاسم آباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button