اسلام آبادپاڪستان

عمران ۽ سندس رهائشگاهه جي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي:شيرين مزاري

اسلام آباد:پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري دعويٰ ڪئي آهي ته اسلام آباد پوليس ڪالهه شام کان عمران خان ۽ سندس رهائشگاهه جي سيڪيورٽي واپس ورتي آهي. ٽوئيٽر تي هڪ بيان ۾ شيرين مزاري جو چوڻ هو ته عمران خان ۽ سندس رهائشگاهه جي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي. اهو قانون خلاف آهي پر هن امپورٽڊ حڪومت ۾ قانون جي ڪنهن کي پرواهه آهي. شيرين مزاري جو چوڻ هو ته قوم آگاهه رهي ته سازشي عنصر ڪيئن عمران خان جي زندگي لاءِ خطرا پيدا ڪري رهيا آهن.ٻئي پاسي اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عمران خان جي سيڪيورٽي واپس ناهي ورتي وئي، عمران خان سان گڏ ۽ سندس رهائشگاهه تي جيتري نفري مقرر هئي اوتري موجود آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته عمران خان جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ بابت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي بيانن ۾ سچائي ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button