اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم جو آرمي چيف کي فون،سنڌ ۾ امدادي ڪاررواين بابت آگاهي

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻوڏ متاثرن جي ريسڪيو ۽ رليف لاءِ پاڪ فوج جي سهڪار ۽ جذبي جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ کي بلوچستان ۾ امدادي ڪاررواين جي حوالي سان خاص هدايتون جاري ڪيون آهن. آرمي چيف پاڪ فوج طرفان سنڌ ۾ امدادي ڪاررواين ۾ ڀرپور سهڪار بابت آگاهه ڪيو.وزيراعظم چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز سان به ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم سنڌ ۾ رستن ۽ پلين جي تباهي سبب هيلي ڪاپٽرز جي فراهمي جون هدايتون ڪيون. هيلي ڪاپٽرز جي استعمال سان ريسڪيو ۽ رليف جي فراهمي ۾ ڏکيائيون ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button