پاڪستانسنڌ

کڏڙي ۾ رٽائرڊ پرائمري استاد بيدردي سان قتل، لاش گهر مان هٿ

کڏڙو: کڏڙو۾ رٽائرڊ پرائمري استاد کي هٿياربندن ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، لاش گهر مان مليو. رپورٽ موجب کڏڙو جي سانوڻ شاهه ڪالوني ۾ ڀاڙي جي گهر ۾ رهندڙ 50 ورهين جي رٽائرڊ پرائمري استاد عرض محمد ٽالپر کي نامعلوم جوابدارن ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، مقتول جو لاش سندس گهر مان مليو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ لاش کڻائي اسپتال آندو. هوڏانهن پاڙي وارن موجب استاد عرض محمد ٽالپر ڪافي عرصي کان پاسي واري گهر ۾ رهندو هو، جنهن جو لاش اسان صبح ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو. ٻئي طرف کڏڙو ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد علي زرداري ٻڌايو ته هڪ جوابدار حبيب خاصخيلي عرف هبي کي گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button