پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ ۾ سم نالي کي روڻيون، رهواسين ۾ خوف

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ ۾ ايل بي او ڊي سم نالي ۾ پاڻي جي غير معمولي چاڙھه سبب خوف ۾ ماڻهن پاران لڏپلاڻ جو سلسلو جاري آهي. ايل بي او ڊي جو پاڻي نئون ڪوٽ-ميرپورخاص روڊ واري پل مٿان وھڻ لڳو، جنهن سبب ريلوي پل پاڻي ۾ ٻڏل آهي. ايل بي او ڊي سم نالو پاڻي اورر ٽاپ ٿيڻ سبب ھنڌان ھنڌان روڻيون ڪري وھڻ لڳو آهي. آدم موري، ڳوٺ سائينداد علياڻي، 75 موري، ڪوٽ مير جان محمد، رحيم خان نوتڪاڻي ۽ ڀٽارو تائين مقامي ڳوٺاڻا رات ڏينھن پھرو ڏئي روڻين واري ھنڌ تي مٽي جا ڪٽا رکي پاڻ کي بچائڻ لڳا آهن. ڊي سي روينيو عملي سان گڏ رڳو سم نالي جو جائزو وٺڻ کانسوا ڪجهه ناهي ڪيو. روڊن جي ڪناري، واھن جي ڀڏن ۽ واري جي دڙن تي پناھه وٺي سر بچائيدڙ متاثرن جي ٿرپارڪر توڙي ميرپورخاص انتظاميا اڃان تائين ڪا مدد ناهي ڪئي. سم نالي کي امڪاني گهارو لڳڻ واري خدشي سبب واپاري سنتورو بازار مان اسٽاڪ ڪيل مال ڪڍي رھيا آهن. ياد رهي ته 2011ع واري مھاٻوڏ دوران شھر ۾ ڏيڍ مھينو ٻيڙيون ھليون. 2020ع ۾ ٻوڏ ۽ ايل بي او ڊي جي گھارن سبب پراڻي قديمي قدرتي پاڻي جو لنگھه ڍورو پراڻ ابتو وھيو، پر نه ڍوري جي کاٽي ٿي، نه ئي وري ايل بي او ڊي جي گنجائش وڌي سگھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button