پاڪستانسنڌ

ميرواهه گورچاڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ جو 5 ڪلاڪ ڌرڻو

ميرواہه گورچاڻي: ميرواھه گورچاڻي لڳ ڳوٺ جمون رٻاري سم نالي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ انور نوحاڻي، ڪرڙ رٻاري، شوڪت نوحاڻي ۽ مجيد ٻگهيو جي اڳواڻي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف مظاهرو ڪري 5 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ۽ مين ميرپورخاص-مٺي روڊ بند ڪري ڇڏيو. اڳواڻن چيو ته اسان جي مختلف ڳوٺن جمون رٻاري، غلام محمد لغاري، ولي محمد جسڪاڻي ۽ حاجي صغير راجپوت کي سياسي بنيادي تي هر سال برسات ۾ هٿ وٺي ٻوڙيو ويندو آهي، جنهن جو اصل ڪارڻ مين روڊ تي سم نالي جي موري آهي، جنهن ۾ پاڻي نيڪال ڪرڻ جي هڪ گوندي لڳل هجڻ ڪري ڳوٺن تي پاڻي جو ڀرا رهي ٿو، اسان ڪورٽن ۾ ڪيس ڪيا، اسان جي حق ۾ فيصلو آيو، پر ضلعي ميرپورخاص جي انتظاميا ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. احتجاج ڪندڙن وٽ اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقي شجاع سليم شيخ پهتو، پر اڳواڻن کيس جواب ڏئي ڇڏيو. نيٺ ايم اين اي مير منور ٽالپر احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي ڳالهيون ڪيون ته اوهان جو مسئلو حل ڪريون ٿا، جنهن کان پوءِ احتجاجي ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button