پاڪستانسنڌ

مقصودورند لڳ سم نالي کي 3 هنڌن تان گهارا، 15 ڳوٺ ٻڏي ويا

مقصودو رند: مقصودو رند ويجھو سم نالي کي ٽن ھنڌن تان گھارا پئجي ويا، جنهن سبب 15 ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا. يوسي ٻرھون جي ديھه وزير رند ڳوٺ محمد علي بوداڻي وٽ مين سم نالي کي ٽن ھنڌن وٽان 20 فوٽ جا گھارا پئجي ويا، جنھن سبب مير محمد شاهھ، علي بخش شاھه، محمد علي بوداڻي، علي آباد، امام آباد، گل محمد مندواڻي، ميوو سنجراڻي ۽ ڌڻي بخش سنجراڻي سميت 15 ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، جنھن سبب ڳوٺاڻا لڏپلاڻ ڪري محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿي رھيا آھن، جڏھن ته سوين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻن جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ اخلاق شاھه، محمد نواز سنجراڻي، مجيب الرحمان سنجراڻي، امداد سنجراڻي ۽ ٻين چيو ته گذريل 36 ڪلاڪن کان سم نالي کي ٽن ھنڌن تان گھارا پئجي ويا آهن، پر اطلاع باوجود آفيسر ناھن پھتا، نه ئي چونڊيل نمائندن سار لڌي آهي. پ پ اڳواڻ راڻا عبدالستار راجپوت فون کڻي ٿو، باقي ٻيو ڪير به پڇڻ وارو ناھي. هنن گهر ڪئي ته گهارا بند ڪري مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button