پاڪستانسنڌ

برسات سبب مختلف واقعن ۾ ٻارڙن ۽ عورتن سميت 18 ڄڻا فوت،هزارين ماڻهو دربدر

حيدرآباد (سنڌ ايڪسپريس رپورٽ)سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪالهه به لاڳيتو برسات جاري رهي، ان دروان مختلف واقعن ۾ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت 18 ڄڻا فوت ٿي ويا. جڏهن ته هزارين ماڻهن جا ڪچا گهر ڊهي پيا ۽ ماڻهو کليل آسمان هيٺ بي يارومددگار ويٺل آهن. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪالهه ڳيريلي شهر جي سيد پاڙي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب بيڪري مالڪ پرويز شاهه جا ٻه پٽ 13 ورهين جو ڪاشان، 9 ورهين جو احتشام ۽ ہڪ 6 ورهين جي نياڻي بسما شاهه دٻجي فوت ٿي ويا. هڪ ئي وقت گهر مان ٽن معصوم ٻارڙن جا جنازا کڄڻ تي هر شهري جي اک آلي ٿي وئي. قبوسعيد خان ۾ ڳوٺ علي حسن قلندراڻي ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب 20 ورهين جي صائما بروھي فوت ٿي وئي. گهر جي ڇت ڪرڻ سبب صائما زال گل حسن بروهي دٻجي فوت ٿي وئي ۽ جميلا سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي هيلٿ سينٽر نيو ويو. ڪشمور جي سولنگي پاڙي ۾ گهر جي ڇت برسات سبب ڪري پئي، جنهن ۾ 21 ورهين جي ڳورهاري ناديا سومرو دٻجي فوت ٿي وئي. علائقي واسين پنهجي مدد پاڻ تحت لاش کي ٻاهر ڪڍيو. سکر جي نيو پنڊ ۾ برسات دوران گهر جي ڇِت ڪِرڻ سبب شمائلا ۽ مائڪرو ڪالوني ۾ گهر جي ڇِت ڪِرڻ سبب صاحبا دٻجي فوت ٿي وئي. سٺ ميل ويجهو برسات دوران ڪيترائي گهر ڪِري پيا، پيرسن محمد بچل رند فوت ۽ شهزادي زخمي ٿي پئي. لکي غلام شاهه جي عاقل ڪالوني ۾ ڀِت ڪِرڻ سبب نوجوان محمد يوسف سومرو دٻجي فوت ۽ احسان سومرو زخمي ٿي پيو. سن ڀرسان ڳوٺ ڀوڙو خان کوسو ۾ برسات سبب گھر ڊھي پيو، جنهن سبب 60 سال جو پيرسن جبل خان کوسو زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو. پير جو ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ گهنيا ۾ 12 سال جو نينگر ساحل ابڙو گهر جي ڀت ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويو. پير وسڻ ڀرسن ڳوٺ تاج محمد سولنگي ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب 50 سالن جي پيرسن جمالا زال محراب سولنگي دٻجي فوت ٿي وئي ۽ سندس 2 ڌيئرون وحيدان ۽ گلڻ خاتون سولنگي شديد زخمي ٿي پيون. اوٻاوڙو ۾ ڳوٺاڻي عبدالقادر سولنگي جي گهر واري چاليھه سالن جي اشرف خاتون ۽ سندس ست سالن جو معصوم پٽ نويد ملبي هيٺيان دٻجي فوت ٿي ويا، جن جا لاش ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت ملبي هيٺيان ڪڍي ورتا. هوڏانهن روهڙي ۾ پڻ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪرمپور جي ڳوٺ غلام حيدر بجاراڻي ۾ 16 ورهين جو شعيب پٽ مير بجاراڻي واهه جي پل تان گذري رهيو هو ته اوچتو پل ڪري پئي، جنهن سبب هو دٻجي فوت ٿي ويو. جڏهن ته سرڪار توڙي لاڳاپيل انتظاميا ٻوڏ متاثر ۽ برسات متاثرن جي واهر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button