پاڪستان

آزاد ڪشمير ۾ پاڪ فوج جي گاڏي واهه ۾ ڪري پئي، 9 جوان شهيد

ِآزاد ڪشمير ۾ باغ ڀرسان پاڪ فوج جي گاڏي واهه ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 9 جوان شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته 4 فوجين کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. آ ايس پي آر مطابق باغ جي علائقي شجاع آباد ۾ ٿيل حادثي سبب زخمي ٿيل فوجي جوانن کي سي ايم ايڇ راولپنڊي ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق سمورن شهيدن جي جنازي نماز منگلا گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي، جتي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ ٻين فوجي عملدارن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. حادثي ۾ شهيد ٿيل جوانن جا مڙهه سندن اباڻي علائقن ڏانهن اماڻڻ جون تياريون شروع ٿي ويون، جتي کين مڪمل فوجي اعزاز سان دفنايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button