پاڪستان

لياري کانپو عمران جا مردان ۾ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذ به چئلينج

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جا قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 22 مردان جي ضمني چونڊ لا جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذ چئلينج ٿي ويا آهن، ان کان اڳ لياري ۾ به ڪاغذن کي چئلينج ڪيو ويو. تفصيل موجب پشاور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن اپيليٽ ٽربيونل ۾ مردان جي قومي تڪ اين اي 22 تان عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن کي چئلينج ڪيو ويو، جنهن جي اپيل کي منظور ڪندي اڄ شنوائي لا مقرر ڪيو ويو آهي، جسٽس اعجاز انور درخواست تي شنوائي ڪندو. علي حيدر نالي شخص طرفان داخل درخواست ۾ عمران خان سان گڏ رٽرننگ آفيسر اين اي 22 ۽ اليڪشن ڪميشن کي به ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان صادق ۽ امين ناهي، کيس نااهل قرار ڏنو وڃي، عمران خان ٽيڪس ريٽرن ۾ توشاخاني مان ورتل سامان جي قيمت نه ڏيکاري ۽ ان جو ذڪر به ناهي ڪيو. درخواست ۾ اهو به چيو ويو ته القادر ٽرسٽ لاءِ ورتل زمين به دستاويزن ۾ ظاهر نه ڪئي وئي، جڏهن ته عمران خان خلاف منع ٿيل پرڏيهي فنڊنگ ڪيس به اليڪشن ڪميشن ۾ شنوائي هيٺ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button