
ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار لڳ ڪيلي سان ڀريل مزدا ڪلٽي ٿيڻ سبب مزدور فوت ٿي ويو. ٽنڊوالهيار لڳ نندو موري وٽ ڪيلي سان ڀريل مزدا موڙ ڪاٽيندي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ مزدا ۾ سوار مزدور ماتلي جو رهواسي 18 سالن جو راجو ميگهواڙ فوت ٿي ويو. جڏھن ته لياقت ملڪ سخت زخمي ٿي پيو، پوليس ۽ رهواسين واقعي واري هنڌ پهچي فوتي ۽ زخمي کي کڻائي سول اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته زخمي کي طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد روانو ڪيو ويو.