پاڪستان

بني گالا ۾ ويٺو آهيان جنهن کي گرفتار ڪرڻو آهي ڪري وٺي: عمران خان

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان بني گالا ۾ پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ چيو آهي ته مان هتي ويٺو آهيان جنهن کي گرفتار ڪرڻو آهي ڪري وٺي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ ٿيندڙ اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب پارلياماني پارٽي اسيمبلي ۾ واپسي جي آپشن کي هڪ ڀيرو وري رد ڪري ڇڏيو ۽ فيصلو ڪيو ته اسيمبلي ۾ ڪنهن صورت واپس نه وينداسين ۽ نئين چونڊن کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن قبول ناهي. گرفتاري جي حوالي سان عمران خان جو چوڻ آهي ته مان هتي ويٺو آهيان جنهن کي گرفتار ڪرڻو آهي ڪري وٺي، جنهن طرح گذريل رات عوام ٻاهر نڪتو هي ڪجهه نٿا ڪري سگهن، هي رڳو ماڻهن ۾خوف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. عمران خان وڌيڪ چيو ته مون کي رات جو 3 کان 4 وڳي گرفتار ڪرڻ جو ارادو هو پر مراد سعيد جهڙي نموني ماڻهن کي متحرڪ ڪري ڇڏيو اهو واکاڻ جوڳو آهي. منهنجو هميشه اهو طريقو هوندو آهي جڏهن ميچ ڦاٿل هجي ته ٻيو دٻاء ۾ اچي ويندو آهي. هن چيو ته شهباز گل تي تشدد ٿيو مون چيو ته ڪارروائي ڪريو ته ابتو مون تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ان غلطي سان سموري پاڪستان ۾ عالمي سطح تي معاملو هليو ويو، جنهن سان اسان کي فائدو ئي ٿيو. هن چيو ته عوام ۾ جيتري مقبوليت تحريڪ انصاف کي ملي ايتري ڪڏهن به ڪنهن ٻي پارٽي کي نه ملي، ملڪ ۾ انقلاب اچي رهيو آهي، اوهان سڀ انقلاب جو حصو آهيو، هن وقت کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي، اوهان کي تڪن ۾ وڃڻ گهرجي ماڻهو اوهان جو انتظار ڪري رهيا آهن، 9 تڪن تي چونڊ اسان لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button