پاڪستانسنڌ

ڪڪڙ ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پورهيت قتل

ڪڪڙ: ڪڪڙ ڀرسان ڳوٺ عبدالله بروهي وٽ پيارو لنڪ روڊ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺ جبيرجي واسي پورهيت دريا خان چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي اطلاع تي پوليس ۽ مقتول جا وارث پهچي ويا، جنهن بعد مقتول پورهيت جو لاش تعلقه اسپتال آندو ويو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته مقتول پورهيت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. مقتول پورهيت دريا خان چانڊيو جي ڀا مٺو خان چانڊيو ٻڌايو ته سيتاوليج ڀرسان واقع ڳوٺ کاٽ ڪولاچي واسي فضل چانڊيو سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جن گوليون هڻي ڀا کي قتل ڪيو آهي. ٻي پاسي آخري اطلاعن تائين پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button