پاڪستانسنڌ

مانجهند تعلقي ۾ برسات متاثرن جي سار نه لهڻ خلاف ايس يو پي جو ڌرڻو

سن: مانجهند ۾ ايس يو پي تعلقه مانجهند طرفان ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف نٽھڻ اس ۾ ڪارڪنن انڊس ها وي تي 3 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، جنهن سبب ڄامشورو سيوهڻ روڊ جي ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون. ڌرڻي دوران ڪارڪنن ۽ مسافرن ۾ ڏندچڪ پڻ ٿي. جڏهن ته ڪارڪنن ڊي ايس پي آمري کي روڊ کولڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو. ان موقعي تي ڊويزنل صدر حيدرآباد خدا بخش ٿيٻو، علي نواز ڪنڀر، حق نواز مڱڻھار، عنايت الله شاهاڻي، شاهنواز شاهه، امام الدين ڇڇر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي سي ڄامشورو ۽ سندس ٽيم جي نااهلي سبب ٻوڏ ۽ برسات متاثر دربدري واري زندگي گذاري رهيا آھن، واهر نه ٿيڻ سبب سوين متاثر کليل آسمان هيٺ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، روڊ رستا ٽٽل هئڻ سبب زميني رابطا ختم ٿي ويا آھن، پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿيل آھي، ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته انتظاميا بااثر سياسي شخصيت جي ونگار وهندي من پسندن کي راشن ڏئي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته متاثرن کي اجها ۽ راشن ڏئي بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ ٻيهر روڊ بند ڪيو ويندو. هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر مانجهند نظام الدين جتوئي ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button