پاڪستان

ڊالر 2 رپيا مهانگو،سون به چڙهي ويو،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي

انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر وڌيڪ 2 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي، جنهن سبب پاڪستاني رپئي جو ملهه ۽ قدر ويتر ڪري پيو آهي. مليل ڄاڻ موجب انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 2 رپيا هڪ پئسو واڌ بعد 216 رپيا 65 پئسا تي پهچي ويو آهي. ٻئي طرف سون جي في تولو اگهه ۾ هڪ دفعو ٻيهر هزارين رپيا اضافو ٿيو آهي. سنڌ سونارا جيولرز ايسوسيئيشن مطابق سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 550 رپيا اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن بعد سڄي ملڪ ۾ سون جو في تولو اگهه هڪ لک 64 هزار 50 رپيا تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 18 ڊالر گهٽجي 1789 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي. هوڏانهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪالهه به ٻاڙائي رهي، جتي 100 انڊيڪس ويتر هيٺ هليو ويو، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس 443 پوائنٽون گهٽجي 42826 تي بند ٿيو، مارڪيٽ ۾ 19 ڪروڙ جي شيئر جو ڪاروبار 5 ارب رپين ۾ ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button