پاڪستانسنڌ

شرجيل ميمڻ جي هدايت تي حيدرآباد ۾ برساتي نالن تان حددخليون هٽائڻ شروع

حيدرآباد: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير ۽ حيدرآباد ۾ رين ايمرجنسي جي فوڪل پرسن شرجيل انعام ميمڻ جي هدايت تي لطيف آباد آٽوڀان روڊ تي برساتي نالن تي هر قسم جي حددخلين کي ڊاهي پٽ ڪري نالن جي صفائي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. صوبائي وزير مسلسل چوٿين ڏينهن به متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ عوام کي سنڌ حڪومت جي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو ۽ پنهنجي نگراني ۾ راهوڪي شاخ ۾ گهارو بند ڪرايو. تفصيل موجب حيدرآباد ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان جاري برساتن دوران لطيف آباد جي مختلف يونٽن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال جو عمل پنجين ڏينهن به مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ لطيف آباد يونٽ نمبر 8، 12 ۽ آٽوڀان روڊ سائيٽ ايريا مان برساتي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي لطيف آباد يونٽ نمبر 12 چنگي ناڪا کان فتح چوڪ سائيٽ ايريا تائين نالي تي قائم حددخلين کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جنهن تي ضلعي انتظاميه واسا جي عملي جي مدد سان ڳري مشينري ذريعي نالي تي موجود حددخلين کي ڊاهي پٽ ڪري صفائي جو ڪم تيزيءَ سان جاري رکيو ويو.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو پڻ ساڻس گڏ هو. جڏهن ته موقعي تي موجود ايس ڊي او واسا لطيف آباد ڪاشف آرائين موجب جڏهن کان نالي تي حددخلين جو خاتمو آندو ويو آهي ۽ ڊرين جي صفائي شروع ڪئي وئي آهي ان ڏينهن کان گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان گڏ ٿيل پاڻي جو مقدار گهٽجڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ ٻن کان ٽن ڏينهن دوران متاثر علائقن ۾ صورتحال معمول تي اچي ويندي. صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ۽ حيدرآباد ۾ رين ايمرجنسي جي فوڪل پرسن شرجيل انعام ميمڻ ڪالهه مسلسل چوٿين ڏينهن به تعلقي لطيف آباد ۽ تعلقي سٽي جي مختلف علائقن جو دورو ڪري برساتي پاڻي جي نيڪالي وارن ڪمن جو جائزو ورتو. صوبائي وزير تعلقي لطيف آباد نمبر 4، 5، 7 ۽ پوڻين 7 نمبر جو به دورو ڪيو ۽ برسات کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۽ اتي برساتي پاڻي جي نيڪالي وارن ڪمن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي هن علائقي واسين کي يقين ڏياريو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ کين اڪليو نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته پ پ جي عوامي حڪومت ۽ سنڌ ڪابينا جا وزير، صلاحڪار، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز عوام کي ريسڪيو ۽ رليف جي فراهمي جي ڪمن جي نگراني لاءِ فيلڊ ۾ موجود آهن. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته حيدرآباد ضلعي کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي.

صوبائي وزير ان موقعي تي واسا جي لاڳاپيل عملدارن کي برساتي پاڻي جي نيڪالي جي ڪم کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اهڙي طرح صوبائي وزير شرجيل ميمڻ تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي جي راهوڪي شاخ تي پهتو ۽ شاخ ۾ ٽن هنڌن تي پيل شگاف کي ڳري مشينري ۽ مٽي جي ڀريل ٻورين سان بند ڪرايو. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته راهوڪي شاخ ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال کي روڪيو وڃي ته جيئن شاخ ڀرسان آبادگارن ۽ زرعي زمينن کي نقصان نه ٿئي. هوڏانهن ٽنڊوڄام ۾ هوسڙي شاخ تي پهچي آبپاشي کاتي جي عملدارن ۽ مقامي ماڻهن جي مدد سان شاخ ۾ پيل گهاري کي پڻ بند ڪرايو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام سان هر ڏک ۽ غم ۾ گڏ آهيون، کين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو، ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد فاخر شاڪر، اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي سرحان اعجاز ابڙو ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button