پاڪستان

ماروئڙا پهرين ترجيح، بلاول ڀٽو يورپي ملڪن جو سرڪاري دورو منسوخ ڪري ڇڏيو

پرڏيهي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال سبب جرمني، ڊينمارڪ، سوئيڊن ۽ ناروي جو سرڪاري دورو منسوخ ڪري ڇڏيو آهي. بلاول پ پ جي چونڊيل نمائندن کي پنهنجي پنهنجي تڪ ۾ عوام سان گڏ موجود رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ وارين حالتن ۾ پرڏيهه نٿو وڃي سگهان، هن مشڪل وقت ۾ ماڻهن جي وچ ۾ رهندس. ٻئي طرف پرڏيهي وزارت جي ترجمان مطابق پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو يورپي ملڪن جي دوري جو شيڊيول نئين سر ترتيب ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button