پاڪستان

قطر پاڪستان کي 2 ارب ڊالرن جي فراهمي جو يقين ڏياري ڇڏيو

پاڪستان کي قطر مان 2 ارب ڊالرن جي فراهمي جي خاطري ملي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي وقتي گورنر مرتضيٰ سيد چيو آهي ته پاڪستان 4 ارب ڊالرن جي فنانسنگ حاصل ڪري ورتي آهي، قطر 2 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ڪراچي ۾ ماهرن سان ڳالهائيندي هن چيو ته سعودي عرب هڪ ارب ڊالرن جي تيل تي موخر ڪيل ادائيگي جي سهولت ڏيندو، جڏهن ته يو اي اي مان هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ايندي. مرتضيٰ سيد وڌيڪ چيو ته مالي سال 2023ع ۾ پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن جي فنانسنگ جي ضرورت آهي، جڏهن ته 37 ارب ڊالرن جي فنانسنگ حاصل ڪرڻ جو ڪاٿو لڳايو آهي، دوست ملڪن کان 4 ارب ڊالر ملڻ بعد فنڊنگ جي صورتحال بهتر ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button