نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ ۾ ايل بي او ڊي سم نالي ۾ پاڻي اچڻ جو سلسلو ھر وقت وڌڻ سبب ايل بي او ڊي جي ٻنھي طرفن کان رھواسين کي سم نالو ٽٽڻ جو خوف ٿي پيو آهي. ٻئي ڏينھن به ايل بي او ڊي سم نالي جي نئون ڪوٽ ميرپورخاص ھائي وي روڊ واري پل ٽرئفڪ لا بند رهي. ڳوٺ سائينداد علياڻي وٽان پراڻ کي گھارو پوڻ ۽ سڄو ڳوٺ پاڻي جي گھيري ۾ اچڻ باوجود ڳوٺاڻن ڪئمپن ۾ منتقل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مسلسل برسات متاثرن جا اھنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا. ڍوري ۽ ايل بي او ڊي سان گڏ آبپاشي عملي به رھيل ڪسر پوري ڪندي سڄي سب ڊويزن ايريگيشن نئون ڪوٽ جو پاڻي ٽيل ڏانھن کولي ڇڏيو، جنھن سبب رڻ شاخ 22 ميل کان ڪلوئي تائين اوور فلور ٿي وھڻ لڳي، شاخ پڪي ھجڻ سبب ڪٿان گھارو پوڻ جو اطلاع نه مليو، پر پڪي شاخ جي ٻنھي ڪپرن کان اوٿل واري پاڻي به روڊن جي ڪنارن ۽ واھن جي ڀڏن ۾ ويٺل برساتي متاثرن جي خيمن ۾ داخل ٿي تباهي مچائي ڇڏي، جنهن سبب ڪيترن ئي ڏينھن کان سر بچائي محفوظ ھنڌن تي پناهھ وٺندڙ برسات ايل بي او ڊي ۽ ڍوري جي پاڻي سبب به آزارجي ويا، پر چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا سندن ڪا مدد نه ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close