
مقصودو رند: مقصودو رند ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ برسات جون تباھڪاريون جاري آهن. شھر ۾ مختلف چوڪن حسيني چوڪ، علمدار چوڪ، حيدر چوڪ ۽ گھرن توڙي گھٽين ۾ برساتي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آھي، جنھن کي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪي به اپا ناهن ورتا ويا، برساتي پاڻي سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي. ڳوٺ محبت رند ۾ غريب مسڪين پورهيتن مختيار علي رند، انور علي رند، خادم حسين رند ۽ راز علي رند جا گھر ڊھي پيا. جڏھن ته ڳوٺ ڌگاڻو رند ۾ منٺار علي رند، ڳوٺ ولي محمد رند ۾ رجب علي رند، شاھنواز رند، شمشاد رند، قمبر علي، ارشاد علي رند، مختيار علي رند، ڳوٺ سھجو رند ۾ عبداللہ رند ۽ نبي بخش رند، ڳوٺ بخش علي رند ۾ مولائي رند، ڳوٺ ڪامريڊ رئيس بروھي ۾ نور خان بروھي، رضا بروھي، عبدالرحمان بروھي ۽ منير بروھي جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا، جنهن بعد متاثر ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويهي رهيا، جن جي چونڊيل نمائندن يا سرڪاري ڪامورن ڪا سار نه لڌي آهي.