اسلام آبادپاڪستان

سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جو حق ختم ڪرڻ درست ناهي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جو حق ختم ڪرڻ درست فيصلو ناهي.جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ حڪومت طرفان اليڪشن ڪميشن ايڪٽ ۾ ترميم خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي درخواست ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جو حق ختم ڪرڻ خلاف شيخ رشيد جي درخواستن تي شنوائي ڪئي. ان سلسلي ۾ شيخ رشيد احمد سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، ان دوران سندس وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي خدشن کي بنياد بڻائي سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جو حق ختم ڪيو ويو. جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته چونڊن دوران ڌانڌلي ته هتي به ٿيندي آهي، جعلي ووٽ ته هتي به ڪاسٽ ڪيا ويندا آهن. ڇا ان خلاف قانون موجود آهي، جنهن ريت حادثي جي صورت ۾ موٽروي بند ناهي ڪئي ويندي؟ ڇا اهڙي نموني ڌانڌلي جي خدشن تي چونڊ ئي نه ڪرائجي؟ اليڪشن ڪميشن ڌانڌلي روڪڻ لاءِ پنهنجا اختيار استعمال ڇو نٿي ڪري؟ ڌانڌلي روڪڻ لاءِ ڪميشن جي قدمن جو عدالتي جائزو وٺي سگهجي ٿو. اليڪشن ڪميشن جا خدشا ختم ڪرڻ ضروري آهي، پر خدشا ختم ڪرڻ بدران سمنڊ پار پاڪستانين جو حق ختم ڪرڻ سهي ناهي. سپريم ڪورٽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽ جي حق بابت ڪيئي فيصلا ڏئي چڪي آهي. عدالت عمران خان جي درخواست کي رجسٽرڊ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته هي ظاهري طور آئيني حقن ۽ عوامي مفاد جو معاملو آهي. جسٽس مظاهر نقوي پڇاڻو ڪيو ته ڇا موجودا اسيمبلي بنيادي حقن جي حوالي سان ترميم ڪرڻ جي مجاز آهي؟ جڏهن ته اسيمبلي هن وقت ميمبرن جو انگ تمام گهٽ آهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين ذريعي ملڪ ۾ مٽا سٽا وارو ناڻو اچي رهيو، کين ترجيحي بينادن تي سهولتون ڏيڻ گهرجن. مالياتي ادارن ۽ دوست ملڪن کان هڪ، هڪ ارب ڊالر گهريا پيا وڃن. هوڏانهن سمنڊ پار پاڪستاني ساليانو 30 ارب ڊالر موڪلين ٿا، پر کين چيو ويو آهي ته توهان ووٽ ڪاسٽ نٿا ڪري سگهو ۽ ووٽ ڏيڻو آهي ته ٽڪيٽ ڪٽائي پاڪستان اچو. جسٽس مظاهر نقوي چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني ته بنا ڪنهن شرط جي 30 ارب ڊالر موڪلين ٿا. سڄي دنيا ۾ جديد ڊيوائسز استعمال ٿينديون آهن، هر ڪم جدت اچي وئي آهي ته پوءِ ووٽنگ واري عمل ۾ ڇو ناهي آئي؟ سپريم ڪورٽ شيخ رشيد جي درخواست تان اعتراض ختم ڪندي رجسٽرار آفيس کي درخواست جلد شنوائي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button