پاڪستانسنڌ

بدين زيرو پوائنٽ وٽ ڪلوئي واسين جو احتجاج، ڄام خان شورو سان ڏند چڪ

ڪلوئي: بدين ۾ زيرو پوائنٽ وٽان امڪاني ڪٽ جو ٻڌي سوين ماڻهو ايل بي او ڊي سم نالي تي پهچي ويا، رهواسين ۽ صوبائي وزير ڄام خان شورو ۾ ڏند چڪ ٿي. ارباب لطف الله وچ ۾ پئي معاملو ٽاري ڇڏيو. خبر موجب ايل بي او ڊي سم نالي جي صورتحال زيرو پوائنٽ وٽ خطرناڪ ٿي وئي، جنهن کان پوءِ سوين مقامي ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت لڪڙن سان ايل بي او ڊي سم نالي کي ٻڌي رهيا آهن. ڪالهه صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ ارباب لطف الله زيرو پوائنٽ تي پهتا ته مقامي ماڻهن مولوي رمضان لنڊ، شريف لنڊ، پوڙهو پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ايل بي او ڊي سم نالي کي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏنو ويو ته ڪلوئي تعلقي جو وڏو حصو ٻڏي ويندو ۽ هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويندا. ان موقعي تي صوبائي وزير ۽ فوڪل پرسن ارباب لطف الله چيو ته اسان هتان ڪٽ نه ڏينداسين، ڪٽ ڏيون ها ته پهرين ڏئي ڇڏيون ها، اسان سم نالي جو جائزو وٺڻ پهتا آهيون. ٻئي طرف صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ ڪلوئي جي سماجي اڳواڻ مولوي رمضان لنڊ ۾ ڏند چڪ پڻ ٿي. صوبائي وزير گاڏي جي اسپيڊ وڌائي هليو ويو. سماجي اڳواڻ مولوي رمضان لنڊ صوبائي وزير ڄام خان شورو تي فوڪل پرسن ارباب لطف الله سامھون 16 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام هنيو. انهي موقعي ارباب لطف الله سماجي اڳواڻ مولوي رمضان لنڊ کي خاموش ڪرائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button