ڄام نواز علي: ڄام نواز علي، ٻيراڻي، نئوآباد، دلور موري ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي. 300 کان وڌيڪ ڳوٺن بلند شاهه، وزيرآباد، حاجي ڦوٽو خان خاصخيلي، عباس راجپوت، شير محمد خاصخيلي، جان محمد ڪلوئي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ 700 کان مٿي گھر ڊھي پٽ ٿي ويا. 6 ڏينھن اندر برسات دوران 6 ماڻهو فت ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. ھوڏانھن متاثر شھرين ۽ ڳوٺاڻن کي سماجي ڪارڪنن 30 کان وڌيڪ اسڪولن ۾ منتقل ڪيو. ڳوٺاڻن پاران محفوظ ھنڌان ڏانھن لڏپلاڻ جو سلسلو جاري آھي. جڏھن ته ضلعي ۽ تعلقي انتظاميا جو ڪوبه ڪامورو نظر نه آيو. ڳوٺن ۽ شھرن جو رابطو پاڻ ۾ ڪٽجي ويو آھي، مختلف روڊ رستن تي پاڻي جا تلا ٿي پيا آهن. مسلسل برساتن سبب ڪئمپن ۾ ماڻھن جو تعداد وڌي رھيو آھي، جتي سندن واھر لا ڪوبه سرڪاري ڪامورو نه پھتو. ٻيراڻي شھر ۾ خاصخيلي ڪالوني، گردو وارو پاڙو، رباني شاهه، اسماعيل شاهه پاڙي ۽ ٻيا علائقا برساتي پاڻي جي ور چڙھيل آھن. ٻئي طرف اورنگزيب مري چيو ته شازيه مري ۽ قرت العين مري جي ڪوششن سان پاڻي ڪڍڻ لا هيوي مشينري پهچي وئي آھي، جلد شھر ۽ ڳوٺن مان برساتي پاڻي ڪڍيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close