پاڪستانسنڌ

شرجيل ميمڻ راهوڪي پهتو، شاخ کي لڳل گهارو بند ڪرائي ڇڏيو

حيدرآباد: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي صوبائي وزير ۽ حيدرآباد ۾ رين ايمرجنسي جي نگران شرجيل انعام ميمڻ اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقي ٻھراڙي سرھاڻ اعجاز ابڙو سان گڏ راھوڪي شاخ کي لڳل گهاري واري هنڌ پھتو، جتي هن پنهنجي نگراني ۾ ڳري مشينري، آبپاشي کاتي جي عملي ۽ مقامي ماڻهن جي مدد سان راھوڪي شاخ کي لڳل گهارو بند ڪرايو. هن لاڳاپيل عملدارن کي سختي سان ھدايت ڪئي ته اھي راھوڪي ۽ ھوسڙي شاخ جي اثرائتي نگراني ڪن. ھن چيو ته عوام جي جان مال جو تحفظ اسان جي پھرين ترجيح آهي، ڪنهن به صورتحال ۾ پنهنجي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽنڊي ڄام جي مين پمپنگ اسٹیٽيشن جو پڻ دور ڪيو ۽ اتي صورتحال بابت عملدارن کان ڄاڻ ورتي. ھن لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ڪئي ته اھي ٽنڊي ڄام ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان برساتي پاڻي جي ترت نيڪال کي يقيني بڻائين. صوبائي وزير ورڪشاپ ڪالوني ۽ کسانا موري جو پڻ دورو ڪيو، جتي ھن عام ماڻهن جا مسئلا پڻ ٻڌا ۽ موقعي تي انھن جي حل لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ڪئي. ان موقعي تي چيف آفيسر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شاھجھان پنھور ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا. ٻئي پاسي صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمن جي ھدايت تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو جي نگراني ۾ شھر جي ٽنهي تعلقن جي پمپمنگ اسٽيشنز ۽ ڊي واٽرنگ پمپ وسيلي برساتي پاڻي جي نيڪال وارو ڪم جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button