پاڪستان

برساتن ۾ ملڪ جا 116 ضلعا متاثر، 850 حياتيون کسجي ويون

نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) انگ اکر جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته هاڻوڪي برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ساڍا 8 سئو ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 1300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، ٻوڏ جي وهڪري روڊ رستا تباهه ۽ زندگي جو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو آهي. اين ڊي ايم اي مطابق سڄي ملڪ ۾ 14 جون کان وٺي هيل تائين پيل طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 4 لک 13 هزار گهر ڊهي پٽ، 2 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي چڪا آهن، سڀني صوبن ۾ 7 لک 7 هزار ڍور پاڻي جي وهڪرن ۾ لڙهي ۽ ٻڏي مري ويا آهن، 2 هزار 886 ڪلوميٽرن تي ٻڌل روڊ رستا ۽ 129 پليون تباهه ٿي ويون آهن. رپورٽ موجب طوفان ۽ ٻوڏ سبب سڄي ملڪ اندر ڪل 116 ضلعا متاثر ٿيا، جن مان خيبر پختونخوا ۾ 33، سنڌ جا 23 ضلعا، بلوچستان جا 34، پنجاب جا 16 ضلعا سخت متاثر ٿيا، جن مان ڏکڻ پنجاب جي ٽن ضلعن ۾ هن وقت ٻوڏ واري صورتحال آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button