پاڪستان

قطر پاڪستان ۾ 3 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف جي دوري رنگ لاتو، قطر پاڪستان ۾ 3 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو، قطري ڪمپنين پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ به پئسو لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ جوائنٽ وينچر ڪمپني پڻ قائم ڪئي ويندي. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف قطر جي دوري دوران قطري امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻطرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي نئين سطح تائين کڻي وڃڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن موجب قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي اعلان ڪيو آهي ته اسان جو پاڪستاني معيشت جي اهم شعبن ۾ 3 ارب ڊالر سيڙپڪاري ڪرڻ جو منصوبو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قطر ڪراچي ۽ اسلام آباد جي هوائي اڏن تي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، قطر جي انويسٽمينٽ اٿارٽي گهٽ ۾ گهٽ وقت اندر سيڙپڪاري کي يقيني بڻائيندي، پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان موڊيليٽز جو فيصلو ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب قطري ڪمپنيون پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ به سيڙپڪاري ڪنديون، ڪمپنين جي گڏيل منصوبن لاءِ جوائنٽ وينچر ڪمپني پڻ قائم ڪئي ويندي. ان جوائنٽ وينچر ڪمپني ذريعي صوبا قطري سيڙپڪارن سان سڌو سنئون ڊيل ڪندا، قطري سيڙپڪار پاڪستان ۾ پوک به ڪندا. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات انتهائي چڱي ۽ ڪارائتي رهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ 3 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري تي قطر جي امير جو شڪر گذار آهيان، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي نئين سطح تائين کڻي وڃڻ تي اتفاق ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button