اسلام آباد :وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال سبب لنڊن جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو. وفاقي سرڪار ٻوڏ جي صورتحال کي قومي ايمرجنسي قرار ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته تازو سانوڻي جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب 913 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن، جڏهن ته 3 ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. ان ڏس ۾ گڏيل قومن کي مدد جي اپيل ڪئي ويندي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيري رحمان چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سڄي ملڪ ۾ رڪارڊ برساتون ٿيون آهن، جنهن سان تباهي وڌي رهي آهي. سڄي ملڪ ۾ تمام گهڻي برسات پئي پر سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ برساتون ٿيون، هاڻوڪي برسات جا انگ اکر حيران ڪندڙ آهن. هن چيو ته اسان ڪڏهن به ٻوڏ جي موجوده صورتحال ۽ رفتار نه ڏٺي آهي، هن ٻوڏ سبب سنڌ، بلوچستان ۽ سوات ۾ تباهي جا منظر آهن. تازي ٻوڏ جي ڪري جيڪا تباهي آئي آهي، اها اسان جي زندگيءَ ۾ بي مثال آهي. شيري رحمان چيو آهي ته هاڻوڪين سانوڻي جي غير معمولي برساتن سبب آيل تباهي سان انساني بحران پيدا ٿيو آهي جيڪو هن وقت پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي. ملڪ ۾ قومي ايمرجنسي لڳائي وئي آهي، ضرورتن جو جائزو ورتو پيو وڃي جيڪو جلد مڪمل ٿي ويندو. ان سان امداد ۽ بچاءُ لاءِ ڊونرز سان رابطي ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير ميڊيا تي زور ڏنو ته هو ٻوڏ متاثرن جي حالتن کي اجاگر ڪرڻ، بچاءُ ۽ امدادي سرگرمين ۽ سانوڻي جي برساتن سبب ٿيندڙ نقصانن کي اجاگر ڪرڻ تي ڌيان ڏئي. هن چيو ته آگسٽ جي مهيني ۾ سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي 166 ملي ميٽر برسات ٿي جيڪا معمول کان 241 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جڏهن ته ملڪ جي ڏاکڻي حصي خاص طور تي سنڌ ۾ هلندڙ مند جي غير معمولي شرح سان 784 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون جيڪي ڳڻتي جوڳيون آهن. هن چيو ته اهي ڇرڪائيندڙ انگ اکر موسمياتي کاتي طرفان جوڙيا ويا آهن، شديد برساتن متاثر صوبن جي مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پلن ۽ مواصلاتي ڍانچي کي لوڙهي ڇڏيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو وهڪرو 2010ع جي سپر فلڊ کان وڌيڪ آهي، هي سانوڻي جي برساتن جو اٺون سلسلو آهي جتي ڏکڻ پاڪستان ۾ شديد ۽ وڌيڪ برساتون ٿيون آهن جنهن جي ڪري سنڌ جي 23 ضلعن کي آفت سٽيل علائقو قرار ڏنو ويو آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته ملڪ ۾ ٻوڏ واري صورتحال جي ڪري پرڏيهي وزير ۽ وزيراعظم پنهنجا ٻاهرين ملڪن جا دورا ملتوي ڪري ڇڏيا آهن. هٿياربند فوج ۽ نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) صوبائي حڪومتن سان گڏجي امدادي سرگرمين ۾ رڌل آهن. هن چيو ته تقريبن 30 ملين متاثر شيلٽرز کان بغير آهن، انهن مان هزارين بي گهر آهن ۽ خوراڪ کان محروم آهن، ضرورتن جو جائزو ورتو پيو وڃي جيڪو جلد مڪمل ٿي ويندو ۽ ان جي نتيجي ۾ امداد ۽ بچاءُ لاءِ عطيو ڏيندڙ ادارن سان رابطو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن حڪومت يا صوبي لاءِ ايتري وڏي ٻوڏ ۽ شديد برساتن کي منهن ڏيڻ ممڪن نه آهي. وزيراعظم جو رليف فنڊ اڪائونٽ آفتن سبب متاثر ماڻهن لاءِ عطيو جمع ڪرڻ لاءِ فعال آهي، جڏهن ته اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي خيما گهرايا آهن. وزيراعظم بچاءُ ۽ امدادي سرگرمين جي سربراهي ۽ نگراني لاءِ ايم ڊي ايم اي ۾ هڪ وار روم به کوليو آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زرو ڏنو ته سيپٽمبر ۾ سانوڻي جي وقت ۾ واڌ جي باري ۾ اطلاع مليا آهن جيڪا هڪ دفعو ٻيهر غير معمولي ۽ ڳڻتي جوڳي موسمي صورتحال هوندي. شيري رحمان ٻڌايو ته برساتن جي ڪري رونما ٿيندڙ واقعن ۾ 913 ماڻهو فوت ٿيا جڏهن ته ڪي پي ۾ ٻارن ۾ فوتگين جو رجحان وڌيڪ آهي. ٻئي طرف وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ جي صورتحال ۽ امدادي ڪارروائين بابت اجلاس سندس وطن واپس پهچڻ تي ئي ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي سميت ٻيا عملدار وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف بابت قدمن کان آگاهه ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پوٽِيءَ حمزا شهباز جي ڌيءُ جي طبيعت جي خرابي سبب قطر کان لنڊن وڃڻو هو. پر ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال سبب وزيراعظم فوري وطن واپسي جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم جي پوٽِيءَ لنڊن ۾ علاج هيٺ آهي. هوڏانهن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻوڏ جي صورتحال کي قومي ايمرجنسي قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان صوبي ۾ غيرمعمولي تباهي کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي جذبو ڏيکارڻو پوندو. ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ سموري قوم خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي عطيي جي ضرورت آهي. ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تمام وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي جي ڪري وڏي رقم گهربل هوندي. وفاقي حڪومت صوبن سان گڏجي ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي. تيز برساتن ۽ شديد ٻوڏ وارن ريلن جي ڪري ريليف جي ڪمن ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن. عوام جي مدد سان متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي عمل کي تيز بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم فلڊ ريليف اڪائونٽ 2022ع ۾ عطيو جمع ڪرائڻ جا تفصيل اڳ ۾ ئي جاري ڪيا ويا آهن، اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني عطيو پرائيم منسٽر رليف فنڊ اڪائونٽ 2022ع ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مصيبت ۾ گهيريل هم وطن اسان جي مدد جا منتظر آهن، اچو اسان سڀ بڻجون سهارو. ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني وايا ٽرانسفر، مني سروس بيوروز، مني ٽرانسفر آپريٽرز ۽ ايڪسچينج هائوسز جي ذريعي به عطيو موڪلي سگهن ٿا. عطيو سڀني ڪمرشل بئنڪن ۾ روڪ به جمع ڪرائي سگهجي ٿو. هن چيو ته بئنڪن جي ڊراپ باڪس ۾ ڪراس چيڪ، موبائيل ۽ انٽرنيٽ بئنڪنگ، اي ٽي ايمز، اي بي ايف پي، راست جي ذريعي به جمع ڪرائي سگهجن ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close