اسلام آبادپاڪستان

لمپي کي منهن ڏيڻ لا سمري اي سي سي حوالي،3 ڪروڙ ڊالر قرض ملڻ جو امڪان

اسلام آباد : ورلڊ بئنڪ پاران پاڪستان لاءِ 3 ڪروڙ ڊالر قرض ملڻ جو امڪان آهي ته جيئن ڪجهه مهينا اڳ جانورن تي حملو ڪندڙ لمپي اسڪن جي بيماري تي ضابطو آڻڻ لاءِ هڪ بهترين پروگرام شروع ڪري سگهجي. ميڊيا رپورٽ مطابق غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي هڪ عهديدار دعويٰ ڪئي ته ورلڊ بئنڪ حڪومت پاران 20 ڪروڙ ڊالر جي قرض لاءِ غير تقسيم ٿيل فنڊ استعمال ڪرڻ جي درخواست تي اتفاق ڪيو ويو. جيڪو ماڪڙ تي ڪنٽرول جي منصوبي لاءِ منظور ڪيو ويو هو. ماڪڙ تي ضابطو ٿي چڪو آهي ۽ ويجهي مستقبل ۾ اهڙو ڪوئي خطرو نه آهي، تنهنڪري حڪومت عالمي بئنڪ کي درخواست ڪئي ته اها هي فنڊ لمپي اسڪن جي بيماري جي ڪنٽرول پروگرام لاءِ استعمال ڪري. عهديدارن مطابق ان حوالي سان عالمي بئنڪ سان ڳالهه ٻولهه اڳواٽ مرحلن ۾ آهي ۽ ان پروجيڪٽ جو هڪ دستاويز جلد ئي ورلڊ بئنڪ سان شيئر ڪيو ويندو، جنهن ۾ ڍورن ۾ پکڙجندڙ لمپي اسڪن جي بيماري سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي. عهديدار ٻڌايو ته نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت لائيو اسٽاڪ ۾ لمپي اسڪن جي بيماري جي پکيڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ ايمرجنسي جو اعلان ڪرڻ لاءِ وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي کي هڪ سمري اماڻي آهي. غذائي تحفظ ۽ تحقق واري وزارت ناڻي وزارت کي ويڪسين خريد ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي 70 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏيڻ جي به درخواست ڪئي آهي. انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ لمپي اسڪن جا سڀ کان گهڻا ڪيس سنڌ ۾ رپورٽ ٿيا آهن ۽ ان کان پوءِ خيبرپختونخوا پنجاب ۽ بلوچستان ۾ به رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته متاثر جانورن جي صحتيابي جي شرح به ڪافي حوصلو ڏيندڙ آهي. پاڪستان ۾ ڪل 4 ڪروڙ 15 لک 50 هزار 921 ڍور آهن، جن مان هڪ لک 52 هزار 270 ڪيس رپورٽ ٿيا. هڪ لک 18 هزار 765 جانور هن مرض مان صحياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هن وقت تائين 4 هزار 81 جانورن لمپي اسڪن جي بيماري وگهي مري چڪا آهن. تازن انگن اکرن مطابق هن وقت تائين 6 ڪروڙ 86 لک 659 جانورن کي ٽڪا لڳايا ويا آهن. مرڻ جي شرح 0 ڏهائي 0098 سيڪڙو ۽ بيماري جي شرح 0 ڏهائي 366 سيڪڙو آهي. سنڌ ۾ 53 هزار 668، خيبرپختونخوا ۾ 46 هزار 343، پنجاب ۾ 23 هزار 683، بلوچستان ۾ 22 هزار 225 ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 6 هزار 351 ڪيس سامهون آيا. گلگت بلتستان ۾ لمپي اسڪن جي پکيڙ جو ڊيٽا دستياب نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button