اسلام آبادپاڪستان

200 کان 300 يونٽن تائين بجلي واهپيدارن جي رليف لاءِ ڪميٽي قائم

اسلام آباد :وزيراعظم 200 کان 300 يونٽن تائين بجلي واهپيدارن جي شڪايتون ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته ٻه سئو يونٽ تائين بجلي جي واهپيدارن جي بلن ۾ رليف کي 24 ڪلاڪن ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ واهپيدارن جي بلن کي فوري گهٽايو وڃي. بلن جي درستگي لاءِ ڊسڪوز جو اسٽاف 24 ڪلاڪ ڪم ڪري. پاور ڊويزن اختيارين وزيراعظم کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته واهپيدارن لاءِ وزيراعظم جي اعلانيل رليف پئڪيج تي عمل يقيني بڻايو پيو وڃي. هڪ ڪروڙ 66 لک واهپيدارن کي ڏنل رليف تحت بلز جي درستگي جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button