اسلام آبادپاڪستان

مريم نواز،راڻا ثناءُ الله ۽ فضل الرحمان خلاف توهين عدالت درخواست رد

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان خلاف توهين عدالت جي درخواست شنوائي جوڳي نه قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏي. مريم نواز، راڻا ثناءُ الله ۽ مولانا فضل الرحمان سميت ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست تي جسٽس محسن ڪياني جي سربراهي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي ٿي. عدالت درخواست گذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جي درخواست ڪهڙي معاملي بابت آهي؟ جنهن تي وڪيل جواب ڏيندي ٻڌايو ته ڄاڻايل اڳواڻن طرفان سوشل ميڊيا تي عدليا مخالف بيان ڏنا ويا.جسٽس محسن اختر ڪياني سوال ڪيو ته ڇا انهن بيانن ۾ هاءِ ڪورٽ جو ذڪر آهي؟ توهان سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪريو جنهن بابت توهان چئي رهيا آهيو. جج پڇاڻو ڪيو ته درخواست گذار جو واسطو لاهور سان آهي، کيس چئو ته لاهور ۾ به عدالتون آهن، جنهن وقت بيان ڏنا ويا ان وقت ڪنهن جي ڪن تي جونءُ نه چري. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني توهين عدالت واري معاملي تي لاڳاپيل فورم نه هئڻ جو رجسٽرار آفيس جو اعتراض برقرار رکندي درخواست شنوائي جوڳي نه قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button