اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا جا 433 ڪيس رپورٽ،6 مريض فوت، 122 جي حالت خراب

اسلام آباد :سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس جا 433 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 6 مريض فوت ٿيا آهن. جمعي تي صحت جي قومي اداري طرفان جاري ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 16 هزار 75 ڪرونا تيسٽون ڪيون ويون جن مان 433 ماڻهن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل پازيٽو ڪورونا ڪيسز جي شرح 2 ڏهائي 67 سيڪڙو رهي آهي. انگن اکرن مطابق ان دوران ڪرونا وائرس سبب 6 مريض فوت جڏهن ته 122 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button