پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ واهر نه ڪرڻ خلاف برسات متاثرن جا مظاهرا

ميرپورخاص:ميرپورخاص ضلعي جي اڪثر شهرن ۾ برسات متاثرن واهر نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيا. ميرپورخاص ۾ مختلف علائقن جي ٻوڏ متاثرن امداد نه ملڻ خلاف ڪمشنر ڪامپليڪس جو گهيرو ڪري سوين مردن ۽ عورتن مک دروازي تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اسماعيل شاهه ڪالوني، بخاري ٽائون، سيال ڪالوني، رحيم نگر ۽ ٻين علائقن جي مردن ۽ عورتن چيو ته تيز برسات کانپوءِ اسان جي علائقن ۾ ڪيترائي فوٽ پاڻي بيٺل آهي ۽ برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي، پر اسانکي راشن، خيما ۽ ٻيو سامان نٿو ڏنو وڃي. جيستائين امداد نه ڏني ويندي، ڌرڻو جاري رکنداسين. ڪمشنر آفيس جي عملدارن جي خاطري تي مظاهرو ختم ڪيو ويو. هوڏانهن شجاع آباد ۾ ٻوڏ متاثرن لغاري پمپ ويجهو روڊ بلاڪ ڪري ضلعي انتظاميا خلاف ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، متاثر ڳوٺاڻن امام بخش لغاري، عبدالغفار لغاري، ڪمليش ميگهواڙ ۽ ٻين چيو ته اسان جا گهر، فصل، چوپايو مال ۽ گهريلو سامان سڀ برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، پر ضلعي انتظاميا مدد نٿي ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button