پاڪستانسنڌ

سانگهڙ شهر کي بچائڻ لا حر جماعت ميدان تي اچي وئي

سانگھڙ: پيرپاڳاري جي ھدايتن کانپوءِ سانگهڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رهندڙ حر جماعت جي سوين نوجوانن واهن ۽ سم نالن جا بند ڏاڍا ڪرڻ لاءِ مختلف بندن تي پهچي بندن کي مضبوط ڪرڻ ۽ مٿان پهرو ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن بعد شھرين خوشي جو اظھار ڪندي چيو ته حر جماعت جي نوجوانن شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن کي وڏي نقصان کان بچائڻ لا ڪوششون ڪيون آھن، اميد ته سانگھڙ شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن تان مصيبت ٽري ويندي. ان موقعي تي علي حسن نظاماڻي ۽ علي خان مري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سانگھڙ شهر کي بچائڻ لا سرڪاري سطح تي ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن، حر جماعت جا نوجوان پيرپاڳاري جي حڪم تي بند مضبوط ڪري پهرو ڏين پيا. هنن وڌيڪ چيو ته منڍ جمڙائو، ورڪشاپ، ست چڪ، ٻاويهه چڪ ۽ ٻين علائقن مان پاڻي جو رخ سانگهڙ جي سم نالي ڏانهن آھي. ٻئي پاسي ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ نثار ميمڻ سم نالي جو دورو ڪيو ۽ چيو ته شھر کي ڪنهن به صورت ٻوڙڻ نه ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button