پاڪستانسنڌ

سڪرنڊ ۾ پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف مظاهرا، ها وي بلاڪ

سڪرنڊ: سڪرنڊ ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف ڌار ڌار مظاهرا، قومي شاهراهه بلاڪ تفصيل موجب سڪرنڊ ڀرسان زيرو پوائنٽ وٽ مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن پاران زيرو پوائنٽ وٽ ٽي ڪلاڪ برساتي پاڻي ۽ سم نالي جو پاڻي نه ڪڍڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو ھڻي چونڊيل نمائندن جا علامتي جنازا ڪڍي علامتي دعا گھري وئي. ان موقعي تي پ پ ڪائونسلر نور احمد رند، غلام مصطفيٰ انڙ، عاشق چانڊيو، حبيب الله مڪراني ۽ ٻين چيو ته انتظاميا جي لاپرواھي سبب برسات جو پاڻي ۽ سم نالي جو پاڻي اسان جي فصل کي ته تباهه ڪري ڇڏيو پر ھاڻي اسان جي ڳوٺن گھرن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب سوين گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آهن. ٻي پاسي سڪرنڊ قومي شاهراھه تي مختلف ڪالونين ۽ ڳوٺن جي رھواسين نيشنل ھا وي تي ڌرڻو ھنيو. ڌرڻي دوران ٻنهن پاسن کان سوين گاڏيون بيھي ويون. ان موقعي تي قادر بخش عباسي، منظور عباسي، ذوالفقار جمالي، وريام عمراڻي، دوست علي رند ۽ ٻين چيو ته ٽائون ڪاميٽي انتظاميا ڪٽ ھڻي مختلف ڳوٺ ۽ ڪالونيون ھٿ سان ٻوڙي رھي آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button