پاڪستانسنڌ

سنڌو ۾ گڊو ۽ سکر وٽ ۽ ڪابل ندي ۾ نوشهره وٽ وڏي درجي جي ٻوڏ

حيدرآباد (سنڌ ايڪسپريس رپورٽ) موسميات کاتي جي ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪندڙ ڊويزن ڄاڻايو آهي ته سنڌو درياهه ۾ گڊو ۽ سکر وٽ ۽ ڪابل ندي ۾ نوشهره وٽ وڏي درجي جي ٻوڏ آهي. جڏهن ته گڊو وٽ مٿيون وهڪرو 5 لک 7 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺيون وهڪرو به ساڳيو رپورٽ ٿيو آهي. سکر وٽ مٿيون ۽ هيٺيون وهڪرو 5 لک 76 هزار 414 ڪيوسڪ آهي. اهڙي ريت ڪوٽڙي وٽ مٿيون ۽ هيٺيون وهڪرو 3 لک 15 هزار 274 ڪيوسڪ آهي. جڏهن ته ڪابل درياهه جو نوشهره وٽ ڪالهه وهڪرو هڪ لک 71 هزار 6 سئو ڪيوسڪ هو. جڏهن ته فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن موجب اتي ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ وهڪرا 3 لک ڪيوسڪ تائين رسي سگهن ٿا. ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ اها انتهائي وڏي ٻوڏ هوندي. ٻئي پاسي فلڊ ڊويزن وارننگ جاري ڪئي آهي ته سنڌو درياهه ۽ ڪابل ندي جي ڪيچمينٽ ۾ وڏن مينهن پوڻ جو امڪان آهي. ساڳئي وقت جهلم، چناب، راوي ۽ ستلج ندي جي ڪيچمينٽ ۾ ٿوري گهڻي برسات ٿي سگهي ٿي. ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪندڙ ڊويزن موجب بلوچستان جي ندين ۾ به ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران برساتن سبب فليش فلڊنگ جا امڪان وڌي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button